ديبلي ابوبڪر احمد بن محمد هارون حربي

ديبلي، ابوبڪر احمد بن محمد هارون حربي: ابوبڪر احمد بن محمد هارون حربي ديبلي رازي 275هه/888ع ۾ ديبل ۾ پيدا ٿيو. ديبل مان ’ري‘ هليو ويو ۽ ’الرازي‘ جي نالي سان مشهور ٿيو. بغداد ۾ امام جعفر بن محمدفاريابي ۽ ابراهيم بن شريڪ ڪونيءَ کان حديث جي روايت ڪيائين. قرآن مجيد جي تعليم مسنون بن هشيم کان ۽ قرائت امام عاصم ڪونيءَ کان حاصل ڪيائين. بغداد جي پسگردائي ۾ ’حريبه‘ ۾ سڪونت اختيار ڪيائين، انهيءَ ڪري الحربي سڏيو ويو. سندس شاگردن ۾ احمد بن علي البادا، ابو علي بن دوما العفاليٰ ۽ قاضي ابوالعليٰ واسطي جا نالا قابلِ ذڪر آهن. ابوبڪر احمد بن محمد هارون حربي ديبلي 370هه/980ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو